تيرٿ داس گيلاني سائين

تيرٿداس گياني، سائين: تيرٿداس جو جنم 1890ع ڌاري هڪ هندو واپاري ۽ شري منگھن مل ڏامي مل گيانچنداڻي جي گھر ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو. هيءُ پنهنجي پيءُ جو وڏو پٽ هو. هن جي والد جي خواهش هئي ته سندس نينگر پڙهي لکي اعليٰ آفيسر بڻجي. هن شروعاتي تعليم حيدرآباد جي نوودياله اسڪول مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ 1909ع ۾ لنڊن جو رخ ڪيو. جتان بئرسٽري جي ڊگري حاصل ڪري، سن 1914ع ۾ واپس پنهنجي وطن سنڌ موٽي آيو. هن کي جيتوڻيڪ والدين جي شفقت ۽ پنهنجي قابليت عيوض علمي طور ڪافي شين تي عبور حاصل هو، پر سندس طبع ۾ خلق خدمت جي جذبي سبب هن کي سرڪاري نوڪري توڙي وڪالت ڪرڻ ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي. بلڪ ڏکويلن جي سيوا ڪرڻ ۽ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ ۾ کيس روحاني سڪون ملندو هو. هن 1919ع کان گرهسته آشرم ۾ رهندي گرونانڪ ويوجن جي خدمت ڪرڻ لڳو. ان دؤران حيدرآباد ميونسپل ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿي رهيو. هڪ ڀيري سندس دوست ديوان گھيمي مل کيس سچل سائين جي درگاهه تي دارازا ۾ سچل سائين جي گادي نشين نانڪ يوسف جي جانشين سخي قبول محمد وٽ وٺي آيو. اتي ئي مٿس بيخوديءَ جي ڪيفيت طاري ٿي وئي، جنهن بئرسٽر مان بئراڳي بڻائي ڇڏيس. ۽ پاڻ دنيا جي شاهوڪاري، عيش عشرت، عهدا، گھر ٻار ڇڏي فقيري اختيار ڪيائين. نيٺ ورهاڱي باعث پنهنجو اصلوڪو ديس سنڌ کيس ڇڏڻو پيو ۽ هجرت ڪري هندوستان جي شهر بنارس ۾ وڃي رهائش اختيار ڪيائين ۽ ڌيان گيان ڪندي هي فقير منش گياني 1953ع ۾ مدراس ۾ وفات ڪري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1890.00.00  عيسوي

تيرٿداس جو جنم 1890ع ڌاري هڪ هندو واپاري ۽ شري منگھن مل ڏامي مل گيانچنداڻي جي گھر ۾ حيدرآباد ۾ ٿيو .


1853.00.00  عيسوي

تيرٿداس 1953ع ۾ مدراس ۾ وفات ڪري ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

مير نور محمد ٽالپر ڊاڪٽر
تاج بانو براهوئي
خدا بخش خان ٽالپر ضياء
سليمان تاجر
اظهر گيلاني
ٻڍل شاهه بخاري
محب ڀيل ڪامريڊ
ابو طالب
اين جي مجمدار
رئيس امام بخش
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون